مخدوم معين ٺٽوي جي مزار

مخدوم معين ٺٽوي جي مزار

مخدوم محمد معين ٺٽوي

مخدوم محمد معين ٺٽوي: علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف ٺارو ذات جو دَل ، ٺٽي جو رهاڪو هو . مخدوم صاحب جو خاندان سنڌ ۾ اعليٰ درجي جو علمي ، ادبي ۽ مذهبي خاندان هو ، سندس والد مخدوم محمد امين پڻ ٺٽي جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿيندو هو . محمد امين جي شادي ٺٽي جي مشهور شاعر مير منشي فاضل خان ( بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو مقرب ) جي نياڻيءَ سان ٿي . جنهن مان مخدوم معين پيدا ٿيو . مخدوم صاحب جي ولادت جي سال بابت تاريخ خاموش آهي . مخدوم معين ننڍي هوندي کان ئي تمام ذهين ۽ پڙهاڪو ٻار هو ، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مخدوم عنايت الله جو شاگرد رهيو . مخدوم عنايت الله جي 1114 هه/ 1702ع ۾ وفات کان پوءِ شاهه ولي الله وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو ۽ بعد ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي کان تصوف جي تعليم ورتائين . شاهه ولي الله وٽ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن ايتري ذهانت سان علم حاصل ڪيو جو شاهه ولي الله کيس چوندو هو ته ” فقد رکبت غضنفرا “ .( ترجمو: بيشڪ تون ( تحقيق جي ميدان ۾ ) شينهن تي سوار آهين ) . مخدوم محمد معين ، شاهه ولي الله وٽ رهي ڪري وحدت الوجود جي مسئلن بابت گهڻو ڪجهه پرايو . ٺٽي ۾ هن سيد علي رضا کان شيخ محي الدين ابن عربي جو مشهور رسالو ” فصوص الحڪم “ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ ابن عربي جي صوفياڻي مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو . شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هوندا هئا . ڪڏهن شاهه صاحب ، مخدوم صاحب وٽ ته ڪڏهن مخدوم صاحب شاهه صاحب وٽ وڃي ٽڪندا هئا . انهن ٻنهي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وچ ۾ هميشه مناظرا ٿيندا رهندا هئا . مخدوم محمد معين ٺٽوي جڏهن دهليءَ مان ٺٽي واپس آيو ، تڏهن مخدوم هاشم ٺٽوي هن وٽ حديث جي علم جي سند حاصل ڪئي ، مگر پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ مخدوم هاشم پنهنجي استاد جو ڪو به لحاظ نه ڪيو . مخدوم محمد معين جي شاگردن ۽ دوستن ۾ شاهه الله علوي'>فقير الله علوي ، مخدوم جلال محمد ، مولوي محمد صادق ، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني ، جعفر شيرازي ، شرف الدين علي ، مير مرتضيٰ سيوستاني ۽ مير نجم الدين عزلت ( مخدوم معين جو ڀاڻيجو ) جا نالا سر فهرست آهن . مقالات الشعراءِ جو مولف لکي ٿو ته ، ” مخدوم محمد معين ٺٽوي پنهنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ هو ، انهي ڪري کيس ڪافي مخالفت سهڻي پئي . پاڻ شاهه عبداللطيف جو ساٿي ۽ صحبتي هو . شعر به ڪافي چيائين . هن جو شعر فارسي ۽ هندي ( اردو ) ۾ آهي . فارسي ۾ ” تسليم “ ۽ اردو ۾ ” بيراگي “ تخلص استعمال ڪندو هو “ . مخدوم محمد معين پنهنجي دور ۾ هڪ وڏو مذهبي عالم هجڻ سان گڏ صوفياڻي ۽ فقيراڻي لڏي جو درويش پڻ هو ، زندگيءَ جو آخري دم پنهنجي دوست لطيف سائين جي هنج ۾ ڏنائين . شاهه صاحب پنهنجي مريدن کي چيو ته هلو ته يار جو آخري ديدار ڪري اچون ۽ پاڻ ڀٽ تان پنهنجن مريدن سميت اچي ٺٽي ۾ مخدوم معين وٽ پهتا ، اتي اڳ ئي راڳ ۽ سماع هو ، بس جيئن ئي مخدوم معين شاهه صاحب جي هنج ۾ ستو تيئن ئي پاڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو . سندس وفات 1161هه / 1747ع ۾ ٿي . سندس وفات تي محمد محسن ٺٽوي ، مخدوم نعمت الله ٺٽوي ، مخدوم رحمت علي ٺٽوي ، ميان محمد پناهه رجا ٺٽوي ، ميرزا محمد فاضل بيگ ’فاضل ‘ ۽ ٻين ٺٽي جي شاعرن قطعه تاريخون چيون آهن . مخدوم محمد معين جون تصنيفون لاتعداد آهن ۽ سوين تصنيفون ته اڻلڀ آهن ، تنهن هوندي به هيٺيون تصنيفون مشهور آهن . ( 1 ) دراسات اللبيب ، ( 2 ) حجة الجليلة ، ( 3 ) نور العين ، ( 4 ) انور المجدفي مخ الوجد ، ( 5 ) مواهب سيد البشر ، ( 6 ) الجود الثمين ، ( 7 ) الخواطف التصوف ، ( 8 ) مطارحات التحقيق في برهان التطيبق ، ( 9 ) رسالة الاعتدالات الاربعه ، ( 10 ) رفع الغين ، ( 11 ) رفع الاشڪال والزحمة ، ( 12 ) ايقاظ الوسنان ، ( 13 ) وحدة الوجود ابوالموجود ، ( 14 ) الابداح في محاڪمة بين النووي وابن الصلاح ، ( 15 ) الحق الصريح ، ( 16 ) رسالة الڪلي الطبعي ، ( 17 ) المدرار الديمية علي حاشية القديمة ، ( 18 ) شرح ديوان حافظ ، ( 19 ) حاشيه شرح زوراءِ ، ( 20 ) بهجة النظائر في براة الابرار ، ( 21 ) مجموعه رسائل مخدوم معين 17 جلد ، ( 22 ) مجموعه رسائل مخدوم معين 15 جلد ، ( 23 ) مجمع النڪات ، ( 24 ) غـايـة مـا ظـهر الاضعــف الانـام فـي ان الــڪـلام الـمتحمل لايوجب ، ( 25 ) بادهت الورود في اثبات وحدت الوجود ، ( 26 ) بوادر الجود في تحرير وحدت الوجود ، ( 27 ) مرات الشهود بوحدت الوجود الموجود ، ( 28 ) صدع القدم في تحقيق الوجود بالعلم ، ( 29 ) طريقت العون في حقيقت الڪون ، ( 30 ) الاعتدالات الا ربعت ، ( 31 ) الحق الصريح فيما بلحق بشعور الميت في الفريح ، ( 32 ) رفيع العين في تنزل العليم الي العين ، ( 33 ) رفع الاشڪال والرحمت مالالڪل الولي الرحمت ، ( 34 ) غايت الايضاح في الحڪمت بين التوري وابن اصلاح ، ( 35 ) الجوهر الثمن في اثبات قلم التڪوين ، ( 36 ) الادب الباقيت علي شريفت في علم المناظرت ، ( 37 ) غـايـت مــاظهـر الاضـعـف الانـام ، ( 38 ) مـنتـجيــب مـن جـمـع النڪات ، ( 39 ) ثبت الشيخ محمد معين ، ( 40 ) بياض مخدوم معين ، ( 41 ) رسالهاويسيه . مٿين ڪتابن مان پهريون ۽ آخري ٻئي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن . ’دراسات اللبيب ‘ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1960ع ۾ شايع ٿيو ۽ ’رسالا اويسيه ‘ فارسي متن سان گڏوگڏ حڪيم نياز همايوني جو ڪيل سنڌي ترجمو به سنڌ ثقافت کاتي پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي . مخدوم صاحب جا باقي ڪتاب شايع ناهن ٿيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو